اسان کي متان وساريو- ڪتاب

اسان کي متان وساريو- ڪتاب

اسان کي متان وساريو

اسـان کـي مـتـان وسـاريـو (ڪـتـاب ): ٻـولـيءَ جـي مـوضــوع تـي هـيءُ ڪـتـاب گـنـگـارام سمراٽ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اهي لفظ ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ اڌ صـدي اڳ ۾ رائـج هـئـا. سـنـڌي ٻـولـيءَ جـو گـڏ ڪـيـل هـيءُ لغوي خزانو سنڌي لغات تي تحقيق ڪندڙن لاءِ رهبر طور ڪم ڏيندو. ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل ۾ 212 صفحن واري هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران مارچ 1999ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت صرف 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو